اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪئي و??ي آهي، ڇا اهو سٺو نه ٿئي ها ته عمران خان نيب ڏانهن وڃي ها ۽ سمورن سوالن جا جواب ڏئي ها، جڏهن وارنٽ جي ??عميل لاءِ ان حد تائين وڃڻو پوي ته ان جو انجام اهڙو ئي ٿيندو آهي، ڀڃ ڊاهه ڪري، دٻاءُ ۾ آڻي عدالتن کان رليف وٺڻ يا ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻي اميد ڪرڻ ته هاڻي قانون جو رستو بدلجي ويندو اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي. اهڙو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري عمل ۾ آئ?? هئي ان ۾ مختلف ڳالهيون سامهون اچي رهيون هيون جنهن تي و??احت ڪرڻ چاهي رهيو هئس، گذريل دور ۾ هڪ رواج پئجي ويو هو جڏهن کان نيب ڪو ايڪشن کڻندو هو، حڪومتي عهديدار ان بنياد بڻائڻ لاءِ وقت کان اڳ معلومات ڏيندا هئا. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ??ڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري تي عدالت ۾ ڪارروائي هلي رهي آهي اتي سڀ شيون شيئر ڪيون ويون آهن. وڪيل طور سمجهان ٿو ته قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي، جڏهن معاملو جاچ هيٺ آهي، جيڪڏهن اوهان تعاون نٿا ڪريو، نوٽيس جو جواب نٿا ڏيو، انڪوائري مرحلي تي سوال نامن جا جواب داخل نٿا ڪرايو ته اهڙي صورت ۾ گرفتاري ئي و??حد حل هوندو آهي، موجوده حڪومت نيب قانون کي وڌيڪ بهتر بڻايو، ان جي ??لاف پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ به ويل آهي، چيو ويو ته هاڻي نيب قانون کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، انهي نيب قانون تحت اڄ جي ڪارروائي عملد ۾ آندي و??ي آهي. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو ته ڪنهن شخص خلاف انڪوائري هلي رهي آهي ته ان کي حفاظتي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي، اع??ي عدالت ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته ماضي و??ري نيب به هئي جيڪا گهرائيندي ڪنهن ٻي ڪيس ۾ هئي ۽ گرفتاري ڪنهن ٻي ڪيس ۾ ڪند?? هئي، سيڙهيون لڳائي گرفتاريون ڪيون وينديون هيون، هاڻي اها نيب ناهي، قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي، گرفتاري و??رنٽ جي ??عميل ڪرائي و??ي آهي. هن چيو ته عمران خان کي عدالت م پيش ڪري 5 کان 7 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويندو، هاڻي اها نيب ناهي جتي 90 ڏينهن جو ريمانڊ هوندو هو. هن چيو ته احتجاج سياسي قومن جو حق هوندو آهي پر جلاءُ گهيراءُ سان ڪڏهن به سياسي بياني کي سگهه نٿي ملي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ هر پاڪستاني جي ??ميوار آهي ته هو قانون موجب پنهجو ڪنڊيڪٽ ڪري. قانون واري و??ير اعظم نذير تارڙ چيو ته 190 ملين پائونڊ جنهن جي ??اري ۾ نيشنل ڪرائيم اٿارٽي برطانيه فيصلو ڪيو ته اها رقم حڪومت پاڪستان ڏانهن واپس وڃڻ گهرجي، ان وقت جي ڪابينا جي ??امهون هڪ لفافو کولڻ کانسواءِ منظوري و??تي و??ي، ڪميشن جي ??ڪل ۾ ايراضي و??تي و??ي ۽ ٽرسٽ بڻائي و??ي جنهن جي ??ينيفيشل عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ آهن، پهرين بابر اع??اڻ ۽ زلفي بخاري ٽرسٽ?? هئا. هن چيو ته 8 مهينن کان انڪوائري هلي ره?? هئي، نيب ڪيترائي ڀيرا نوٽيسز موڪليا ۽ ڪيترائي نوٽيسز چئلينج ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته سوال لاڳاپيل ناهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ نيب قانونن ۾ ترميمن کي چئلينج ڪيو پر اڳوڻي ۽ موجوده نيب چيئرمين جي مقرري کي چئلينج نه ڪيو، آئين ۽ قانون موجب ان جو مقرريون ٿيون. هن چيو ته نيب جي نوٽيسز تي جارحاڻي رويو ٻي طرف اختيار ڪيو ويندو رهيو، سڀ ڄاڻن ٿا ته وارنٽ تعميل تي پوليس وارن سان ڇا ٿيو . هن چيو ته ملڪ جي ??ڳوڻي و??يراعظم محمد نواز شريف ڌيءَ سان گڏ ان ڪيس ۾ جيل ڪٽيو جنهن ۾ مريم نواز کي ميرٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪيو آهي. عدالت چيو ته ان ڪيس ۾ ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، هن چيو ته شهباز شريف کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ضمانت ڏني ته هڪ ڪهاڻي بڻائي و??ي ته ٽي ٽيز لڳائي اثاثا بڻايا ويا آهن، ان ڪيس ۾ نه رشوت نه مني لانڊرنگ جا ثبوت مليا، 26 ڪروڙ 10 لک جو فرق ڪڍيو ويو ان کانپوءِ کيس ايف آءِ اي جي ??ريعي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو ان ڪيس ۾ ايف آءِ اي عدالت جي ??سپيشل جج 12 ڏينهن جي ??نياد تي ٻڌڻي ڪئي ۽ آزاد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ منهنجي ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي ??در سان ڳالهه ٿي آهي، ڪجهه وڪيل زخمي ٿيا آهن، ان بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندس ته جيئن آئنده اهڙا واقعا نه ٿين. هن چيو ته جڏهن ضمانتون خارج ٿينديون آهن ته عدالتي اڱڻ مان گرفتاريون ٿينديون رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ قياس آرايون ۽ افواهن جي ??ازار گرم آهي ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته اصل صورتحال عوام جي ??امهون رکي وڃي.