اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 10.4 ڪلوميٽر رستو جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ايندڙن کي هڪ متبادل رستو فراهم ڪندو، اهو رستو سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين هوندو، ان منصوبي تي 2 ا??ب 69 ڪروڙ 91 لک رپيا لاڳت آئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي شروعات جون 2021ع ۾ ڪئي وئي. ڊسمبر 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، ان منصوبي ۾ شاهه الله ڏتا جي جڳهه تي هڪ انڊر پاس شامل ڪيو ويو جنهن جي ڪري ان جي لاڳت ۽ پڄاڻي جي مدي ۾ تبديلي آئي، ان رستي سا?? جي ٽي روڊ سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين جو سفر گهٽ ٿي ڪجهه منٽ جو رهجي ويو، ان جي ڪري سرينگر هاءِ وي تي ٽريفڪ جو وهڪرو گهٽ ٿيو، مقامي ليبر ۽ تعميراتي مواد بابت انڊسٽري کي فروغ مليو، ان رستي سا?? ان علائقي جا ما??هو به فائدو کڻندا، ان رستي جي ڀرپاسي سي ڊي اي پاران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ان منصوبي جو ماڊل پيش ڪيو ويو.