لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد ??لي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊ?? طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122?? پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت ??نڌ جي ڀيڻ ڀائ??ن جي مدد لاءِ حاضر آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائ??ن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد ??لي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.