اس??ام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهه حمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جو بحرين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي نئين دور جو آغاز آهي، وزيراعظم عمران خان جي بحرين جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اعزازي مهمان طور شرڪت ۽ اعليٰ ترين سول ??يو??رڊ جو اعزاز دنيا ۽ خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ وقار ۽ اهميت جو آئينو آهي.