اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سنڌ حڪومت طرفان عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي رپورٽس ۾ ڦيرڦار تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چ??و ته دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سياست ٿيندي آهي، جڏهن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي آهي. هن چ??و ته مون ج?? آءِ ٽي رپورٽس منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، هاڻي سنڌ حڪومت الله الله ڪري اهي رپورٽون پبلڪ ڪيون آهن، هن چ??و ته جوابدار جي آءِ ٽي رپورٽ ?? 158 قتل جو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چ??و ته سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ رليز ڪئي آهي اها اڌوري آهي، جي آءِ ٽي ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا هئا ان ۾ اهو نه ٻڌايو و??و ته جوابدار ڪنهن ج?? چوڻ تي اهو سڀ ڪيو ۽ ان ج?? ڪنهن کي فائدو ٿيو.