اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تا??يخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ا??ار??نداسين، منزل تا??ين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هو??دو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو ج??ري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تا??ين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نق??ي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ا??ار??نداسين، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تا??يخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جي سمورن سياستدانن نئين نق??ي جي تا??يد ڪئي.