ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اسڪائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽس ٻارن کي روايتي مهارتون سيکارڻ س??ن گڏوگ?? جديد ٽيڪنالاجي کان به روشناس ڪرايو وڃي، اسڪولز جي ٻارن س??ن گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، اسڪائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ اسڪائوٽ جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي، اسڪائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ ن??ون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسڪائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو ا??هار هن سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳالهائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.