ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي ح??وم?? گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمرا?? خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئ??و حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ ح??وم?? جي آهي، وزيراعظم چيو ته سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به ??ڪمل حل ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئ??و حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو به ??ڪمل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.