اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ڪري سگهون ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳ??اڻن جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي ابتڙ آهي، ايف اي ٽي ايف قانونسازي نه ٿئي ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي ها، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ها ته مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ها، موٽروي جهڙي سانحي جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏ??هارين کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪنداسين، پي ايم ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ??ي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران ??ان سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين کي خراج تحسين پيش ڪيو.