اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير هڪ نيوڪليئر فل??ش پوائنٽ آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي اندر شهرين تي بدترين ظلمن جي روڪٿام لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي فوج کي آخ??ڪار ظلم ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪشميري آزادي جي صب?? جلد ڏسندا. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ڪاري ڏينهن جي مو??عي تي سيمينار کي خطاب ڪندي هن والاريل ڪشمير ۾ مودي پاران متعارف ڪرايل هڪ ٻئي ڪاري قانون جي سخت مذمت ڪئي جنهن جو مقصد ڪشميرين جي زمينن تي قبضو ڪرڻو آهي.