لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه ??حمود قريشي ا??ارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪ??و ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ا??ارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه ??ٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان ??ود??ختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي چيو ته قومي ا??ارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.