اسلام آب??د ?? 26 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي ??وا??ي سان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪا??ينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي ??وا??ي سان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران سفارشن جي منظوري ڏني، ڪا??ينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجا??و، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ۾ ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ڦاسي چڪي آهي، وراثتي ليڊرز هر غلط ڪم جا سرپرست آهن، لاهور قبضا معاملو واضح ثبوت آهي. اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آندا ويا. اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار پاران وفاقي ڪا??ينا کي حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت ٽاسڪ فورس پاران وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ 70 هزار خالي جايون ختم ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ادارن جو انگ 441 مان گهٽ ڪري 324 تائين رکڻ جي ??وا??ي سان اداراجاتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.