اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوامي ڪچه??ين جي په??ين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئي آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزارت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ??ي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن جي ڪچه??ين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيت??ين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئي. عوامي ڪچهريون ف??س بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويو??، ادارن جي سربراهن عوامي ڪچه??ين جو انعقاد ڪيو.