??سل??م آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انف??رم??شن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پروقار تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي ت??ت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي ??سيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.