اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پوري پاڪستاني قوم ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکي پنهنجي قومي ذميداري پوري ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزير??عظ?? عمران خان سومر ??ينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزير??عظ?? سگيان ۾ مياواڪي وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير سان ملاقات سميت گورنر هائوس پنجاب ۾ وزير??عظ?? کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزير??عظ?? کي اسپيشل ٽيڪنالاجي ??ون?? بابت بريفنگ ڏني ويندي.