اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحر??ن جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ??وران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحر??ن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪ جهڙن مذهبي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. پرڏيهي وزير ??ولاءِ 2021ع ۾ ڪيل بحر??ن جي دوري دوران، بحريني قيادت سان ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻطرفن لاڳاپنج ي استحڪام جو مظهر آهي، پاڪستان بحرين سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ مقرر بحر??ن جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزير ??ا ٿورا مڃيندي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪامل اءِ پ??هن??ي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو. بحريني سفير منامه ڊ??ئي??اگ جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دعوتنامو پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو.