اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرت ا??ان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضامن آهي، اڄ پاڪستان کي ??دي??ي جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر ??ي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ڪوشش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ا??ان جي ڪوشش آهي ته ا??ان ??دي??ي جي رياست جي تصور مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي منزل ايتري پري نه آهي، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪري معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
چوڌري فواد حسين چيو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري انسانيت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن چيو ته نبي ڪريم صه جي تعليمات تي عمل ڪري ا??ان کي قومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حاضر دور جي گهرج آهي ته ا??ان عشق محمد ﷺ کي پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ عملي نموني ??ان دنيا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو ا??ان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ ا??ان کي محسن انسانيت نبي ڪريم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.