اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪاروباري ??ورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??گهن ٿيون، عورتن جي معاشرتي سرگرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري ??گهي، ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ مهانگائي جو مسئلو وڌيڪ آهي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري ??ڄ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ??رڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته اسان کي معاشي سرگرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ ترقي ڪري ??گهندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هنرمند ۽ تع??يم يافته عورتون پنهنجون ڪمپنيون جوڙي سگهن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آهي، حڪومت به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري ??هي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين احساس پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آهن، عورتون پنهنجو ??اروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آهي ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، شهرن ۾ مهانگائي جا مسئلا وڌيڪ آهن، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ??رڻو پوندو.