اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سمورا اهل وطن ۽ مسلمان امت مفڪر اسلام ۽ عظيم فلسفي شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي، اڄ جي ڏينهن اسان ک?? اقبال جي تعليم کي ياد ڪرڻ سا?? گڏوگڏ اهو به سوچڻ گهرجي ته هن جيڪا ڪاميابي جي راهه اسان کي ڏيکاري ان تي اسان ڪيترو عمل ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي 144 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي پ??هنجي پ??غام ۾ ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اڄ ڏينهن جي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال ??ي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين. هن چيو ته علامه اقبال جي پ??غام ۽ فلسفي کي سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن نه هئي. مملڪتي وزير چيو ته ڊاڪٽر علامه اقبال کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جو تصور پيش ڪرڻ تي سدائين ياد رکيو ويندو. فرخ حبيب چيو ته علامه اقبال جي فرمانن سا?? اسان کي اسلام جو هقيقي پ??غام سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت ??ي خواب مان بيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي جي ڪري اسان اڄ هڪ آزاد ملڪ ۾ سڪون جو سا??ه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته آزادي هڪ تمام وڏي نعمت آهي، آزادي جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. مملڪتي وزير چيو ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ اهڙي وقت ۾ رستو ڏيکاريو جڏهن اهي منزل جو نش??نو وڃائي چڪا هئا، علامه جي فڪر ۽ سوچ اميد جو اهڙو ڏيئو روشن ڪيو جنهن نه رڳو منزل پر رستي جي به نش??ندهي ڪئي.