اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ت??مير ۽ ت??قي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ت??قي ۽ ت??مير لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل پاڪستان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ٿيندڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.