اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي پروگرام ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪامياب جوان پروگرام ۽ هايئر ??يج??ڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ ??ي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شروع ڪي?? ويا آهن جنهن ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي مقامي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ ??ي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 ر??نديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ر??سلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪواش، والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي نوجوانن بشمول عورتن ??ي لاءِ راندين جا موقعا منعقد ڪي?? ويندا. راندين جا اهي مقابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪي?? ويندا ۽ هڪ ڪروڙ نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان گذاريو ويندو. راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.