??سل??م آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا مان سي??يٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي اي??ان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي جي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ ??سل??م جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ڪيا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آفريدي جي سي??يٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اين پي جو شوڪت اميرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سي??يٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين ??ي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وزير محمود خان جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت هر مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.