اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لل?? کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مار?? 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ، منصوبي جو پهريون فيز لل?? انٽرچينج کان پنڊ دادن خان ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ هلندڙ سال جون ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ پن??اب جي ترقياتي بجيٽ ۾ منصوبي جي لاءِ فنڊز رکڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت لاهور جي دوري دوران پن??اب ۾ ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم کي لل?? کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لل?? کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مار?? 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منصوبي جو پهريون فيز انٽرچينج (ايم 2) کان پنڊ دادن خان (تعلقو پنڊ دادن خان) ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ (تعلقو جهلم) هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان ۽ پن??اب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جا پن??اب جي ترقياتي فنڊز ۾ لل?? کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي جي تعمير لاءِ فنڊز رکڻ ۽ منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ پن??اب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري پن??اب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.