راولپنڊي – 08 جنوري (اي پي پي) مريءَ ۾ سخت برفباري سان بند جهيڪا گلي گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو. آرمي ا??جنيئرز ۽ فرنٽيئرز ورڪس آرگنائيزيشن، ايف ڊبليو او جي دستن ڊوزرز ۽ ٻي هيوي مشينري سان اهي رستا کوليا، جهيڪا گلي، ڪلڊنه روڊ کي کولڻ جي لاءِ آرمي ا??جنيئرز جا دستا مصروف آهن، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ فراهم ڪيو پيون وڃي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي موجب ترجمان چ??و ته فوجي دس??ا سول انتظاميا جي مدد ۾ مصروف آهن، مري ۾ موجود سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. جهيڪا گلي ڪلڊنه روڊ پڻ جلد کلڻ جو امڪان آهي. ترجمان موجب برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آرمي پبلڪ اسڪول ڪلڊنه ۾ ڇت ۽ خوراڪ جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. ايف ڊبليو او ۽ آرمي ا??جنيئرز جا دستا ۽ مشينري رستن کي کولڻ جي لاءِ متحر?? آهن، رستا کولڻ جي لاءِ ڊوزر مظفرآباد کان منتقل ڪيا ويا آهن. ترجمان ٻڌا??و ته ٽرپل ون برگيڊ جا جوان بهاره ڪهو ۾ روڊ کولڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته ضروري کاڌي پيتي جون شيون پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. ترجمان ٻڌا??و ته پاڪ فوج پاران ملٽري ڪاليج مري، جهيڪا گلي، اي پي ا??س ڪلڊنه ۽ اسٽيشن سپلاءِ ڊپو سٽي بئنڪ ۾ چار ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن.