بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي ??را??ري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪ??مي?? ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر د??يا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪ??مي?? تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چين سان پاڪستان جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ??اب??ي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ ٻين ماڳن جي ??را??ر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر د??يا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو اهو عزم هو ته عالمي سياست ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلامتي کي بنيادي اهميت ڏني آهي، اهو ويزن ??اب??ن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن لاءِ چين ۽ پاڪستان جي حصيداري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، هن عالمي ??را??ري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ ??اب??ن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي علائقائي امن لاءِ خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي ??را??ري تي زور ڏنو ته هو ڪ??مي??ين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي ??اب??ن سميت عوامي سطح تي ??اب??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لاءِ گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.