اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سي??ريٽريٽ جي دوري دوران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي متاثر ما??هن کي بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفاقي محتسب کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ادارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفاقي محتسب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ما??هن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو متاثر ما??هن کي مفت انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ??يو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون مليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائ?? ڪئي وئي، 92.7 سي??ڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ??يو ۽ 1.85 ارب رپين جي معاملن ۾ انصاف فراهم ڪيو ??يو. وفاقي محتسب صدر کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ پهچ وڌائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ??يو ته ڏورانهن علائقن جي ما??هن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو سهولتي ڊيسڪون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وفاقي محتسب سي??ريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائي محتسب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ وفاقي محتسب جي سي??ريٽري اعجاز احمد خان، صدارتي سي??ريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفاقي محتسب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.