اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ?? او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خو?? آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت ??هي?? فنڊ جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏي?? آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏي?? آهي، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظ??م افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد افغان عوام جي مدد ڪر?? آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.