اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) ڪابينا ڊويزن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصاف واري وز??رت جي اضا??ي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وز??رت جو اضافي عهدو سنڀالي ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قانون ۽ انصاف واري وز??رت جو دورو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وز??رت جي سيڪريٽري ۽ وز??رت جي ٻين عملدارن اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير جو وز??رت اچڻ تي استقبال ڪيو. قانون واري وز??رت جي سيڪريٽري وفاقي وزير کي وز??رت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي قانون ۽ انصار واري وز??رت جي اضا??ي چارج ڏني هئي.