اسلام آباد ?? 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو ق??مي اسيمب??ي ميمبر راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سر??ار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي اس??عي??يٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي اس??عي??يٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سر??ار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سر??ار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.