مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عم??ي جي سعادت حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي، وزيراعظم لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عم??ي دوران وزيراعظم شهباز شريف خصوصي زيارت کانپوءِ حجرِ اسود کي چُمي ڏني ۽ طوافِ ڪعبه ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سل??مت?? جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن عم??ه جي ادائيگي دوران وزيراعظم شهباز شريف زيارتِ خاص ۽ طوافِ ڪعبه جي ادائيگي کانپوءِ صفه ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪئي. وزيراعظم سعي صفه و مروه جي ادائيگي سان گڏ ئي عم??ه جي تڪميل کانپوءِ ملڪ ۽ قوم ۽ مسلمان امت جي سل??مت?? ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون. وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري دوران مدينه منوره ۽ جده ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن عم??ه جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه روانو ٿيو ۽ وفد سميت عم??ه ادا ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيادم دوران ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاصري ڀري، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سل??مت??، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. جده ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان بن عبدلعزيز سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت ل??ءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزده شاهزين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه م??مد آصف، احسن اقبال، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي.