اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ س??ڙپ??اري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ قانوني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم ا????مو?? ٿامس سيلر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ناظم ا????مو?? شهبا?? شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??ورپي ڪائونسل جي صدر ۽ يورپي يونين جي صدر پاران نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم ناظم ا????مو?? پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندن ٿورا مڃيندي ??اڪستان ۽ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ مضبوط س??ڙپ??اري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ موسمياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي باقاعدگي سان مٽاسٽا ٿئي ته جيئن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. يورپي يونين جي ناظم ا????مو?? يورپي يونين جي پاڪستان سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.