اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ترقي لاءِ سڀ??ي کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪ?? بقا ۽ ترقي لاءِ سڀ??ي کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر ايمل ولي خان سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق به شريڪ هو، ملاقات ۾ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ترقي لاءِ سڀ??ي کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪ?? بقاءُ ۽ ترقي لاءِ سڀ??ي کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ايمل ولي خان وزيراعظم کي ڊ??ره اسماعيل خان جي ٻيلن ۾ باهه تي فوري نوٽيس ۽ ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو.