اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ??يل??ي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ مان جاري بيان موجب بهاو الدين ذڪريا ايڪسپريس ۾ سفر دوران عورت سان زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي سلمان صوفي جي سربراهي ۾ پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ??يل??ي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. اسٽريٽجڪ ريفارمز تحت اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ليڊي ??يل??ي پوليس فورس جي اهلڪارن جون ٽيمون ٽرين اسٽيشنن تي مقرر ڪيون وينديون، ان کانسواءِ عورت مسافرن جي رهنمائي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ”سفر سهيلي“ موبائيل ايپ لانچ ڪئي ويندي جڏهن ته پرنٽ ٿيل ٽڪيٽن تي ايپ ڊائونڊ لوڊ ڪرڻ جون هدايتون هونديون ۽ گڏ ئي ٽڪيٽن تي ايمرجنسي نمبر به پرنٽ ڪيو ويندو. ڊگهي سفر لاءِ ??يل??ي اسٽيشنن تي ايل آر پي ايف جي عملي (هڪ عورت سب انسپيڪٽر ۽ 2 عورت ڪانسٽيبل) جون ٽيمون جوڙيون وينديون ۽ ٽرينن ۾ مسافرن جي تعداد موجب ٽيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽرينن ۾ ايمرجنسي SOS بٽن نصب ڪيا ويندا، وڌ??ڪ پاڪستان جي سمورين ??يل??ي اسٽيشنن تي پوسٽرز، پمفلٽ، هينڊ بلز ۽ اعلانن جي ذريعي عورتن جي حفاظت لاءِ باقاعده آگاهي پروگرام فوري طور تي منعقد ڪيا وڃن، ان کي اليڪٽرانڪ طور تي به نشر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ وڊيو سرويلنس سسٽم (VSS) لڳائڻ سمورين ??يل??ي اسٽيشنن تي حساس ماڳن تي لڳايو ويندو، سي سي ٽي وي ڪئميرائون هر بوگي ۾ (ڪوريڊوز ) ۾ لڳايون يونديون ان کانسواءِ فيس ريڪگنشن ڪئميرا ايپ ت??ار ڪئي ويندي جيڪا چهري جي سڃاڻپ جي ذريعي جوابدارن ۽ ان جي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽريس ڪري سگهي ٿي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته آئوٽ سورس ٽرينن جو ٺيڪو ڏيڻ کان پهرين، مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار بابت ايجنسين – خصوصي شاخ کان ڪليئرنس حاصل ڪئي وڃي، وڌ??ڪ پرائيويٽ ڪمپنين کي پهرين کان ڏنل معاهدن جو جائزو ورتو ويندو ۽ مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار جي جاچ بابت ايجنسين/ خصوصي يونٽس جي ذريعي ڪئي ويندي، گڏ ئي سڀني ٽرينن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا.