ڪوئيٽا – 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ساده پر پروقار ا??داز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ??ند?? چيو آه?? ته سڄ?? بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي سان سادي ۽ پروقار طريقي سان ملهائي ويندي، وڏي وزير چ??و ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آه??، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري جي سرندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آه??، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آه??. مير عبدالقدوس بزنجو چ??و ته اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزادي جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي سان ملهايو ويندو.