اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آه?? ته زندهه قومون پنهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجديد عه?? سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آه??. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته اسان کي آزادي جي اها عظ??م نعمت پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ اسان جي بزرگن بي مثال قربانيون ڏنيون هيون. انهن کي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندي باهه ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اها ال??ه تعاليٰ جي رحمت ۽ رهنمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظ??م نعمت سان اسان کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.