اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قط?? جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 23 کان 24 آگسٽ قطر جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قطر جو هي پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان ڪابينا جي اهم ميمبرن سم??ت هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو. دوري دوران وزيراعظم قطري قيادت سان ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سم??رن رخن جو جائزو وٺنديون، توانائي بابت تعاون کي اڳتي وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ ۽ قطر ۾ پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا ڳولڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هو گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه ۾ قطري ۽ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دوحه ۾ اسٽيڊيم 974 جو پڻ دورو ڪندو جتي کيس ??يفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني جي لاءِ قط?? جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهبي، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ وي??هي تعاون تي ٻڌل آهن. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفي دلچسپي جي سم??رن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي وي??هي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. قطر ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني به رهندڙ آهن جيڪي ٻن??ي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قيادت جي سطح تي باقاعده دورا پاڪستان ۽ قط?? جي حصيداري جي سڃاڻپ آهن. وزيراعظم جي قط?? جي دوري سان ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ ۽ ان جي وڌندڙ اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ملندي.