اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انتهائي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ??دا??ا ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ??دا??ن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ??دا??ن، صحت جي عالمي ??دا??ي جا نمائندا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آ??ن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آ??ن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي مدد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي متاثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت، صوبن، م??ڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ??دا??يگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ٻوڏ متاثرين کي فوري روڪ ??دا??يگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، م??موعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي حڪومتون متاثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگ??ن، عالمي ??دا??ن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ??دا??ن جو هنگامي تعاون گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پهرين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن چيو ته عالمي مالياتي ??دا??ن، تنظيمن جي مدد سان متاثرين جي مدد ۾ وڏي مدد ملندي، فوج، سرڪاري ??دا??ا، شهري خدمتن جا ??دا??ا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، م??اثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل انتهائي ڏکويل آهي، جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان جي مدد ڪن. هن چيو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري شين جي فراهمي گهربل آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي متاثر علائقن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري جا انتظام ڪندي.