دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائ?? ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بن??اد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. 1999ع ۽ 2017ع ۾ ق??ر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو اعتراف ڪيو. قطر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌيڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي م??زباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي م??زباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.