اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ کان م??اثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي ??ناح ا??ٽر??يشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب قطر کان انساني امداد جي ٻن جهازن م??ن ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امدادي سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر امداد تي پاڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ کان م??اثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو، قطر کان انساني امداد جي پهرين جهاز جو جناح ا??ٽر??يشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي ??جيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.