مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪوم?? رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته آز??د ڪشمير جي حڪومت پوري رياست جي نمائنده حڪومت آهي، بيس ڪئمپ جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي والاريل ڪشمير جي ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. حقيقي آزادي ان ڏينهن ٿيندي جڏهن والاريل ڪشمير به هندستاني قبضي کان آزاد ٿيندو. دنيا ياد رکي ته ڪشمير جو تڪرار زمي?? جي ٽڪڙي جو نه آهي پر ڏيڍ ڪروڙ انساني زندگين جو مسئلو آهي. آزاد حڪوم?? رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 75 هون يوم تاسيس اسا?? جي وڏ?? جي قرباني?? جي ياد ڏياري ٿو. 1947ع ۾ اسا?? جي وڏن ۽ مجاهدن هي خطو آز??د ڪرايو. اڄ جي ڏينهن آز??د ڪشمير جي عوام سان واعدو ڪريان ٿو ته توهان کي تبديل ٿيل آز??د ڪشمير ڏينداسين. پاڪستا?? جي هٿياربند فوج جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هندستان شايد مسلمان?? جي تاريخ کان واقف نه آهي. طاقت جي زور تي ڪشميري?? جي تحريڪ کي نه ٿو دٻائي سگهجي. ڪشمير مسئلو حل نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان وٽ اختيار آهي ته ڪو ٻيو رستو اختيار ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد حڪوم?? رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي 75 هين يوم تاسيس جي موقعي تي گادي واري شهر مظفرآباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وقتي صدر چوڌري انوارالحق هو. مرڪزي تقريب ۾ سينيئر موسٽ وزير خواجه فاروق احمد، حڪومتي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، سيڪريٽرين، سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهري?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو ته چوڌري غلام عباس جهڙي عظيم اڳواڻن ان وقت جدوجهد جي قيادت ڪئي ۽ محسن ڪشمير غازي ملت سردار محمد ابراهيم خا?? جي سربراهي ۾ بيس ڪئمپ جي حڪومت قائم ٿي. جنهن عظيم مقصد جي لاءِ بيس ڪئمپ جي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو ويو ان کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ بيس ڪئمپ جي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته هندستا?? جي حڪومت آر ايس ايس جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، عالمي دنيا، يو اين ۽ او آءِ سي سميت ٻين عالمي ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته گڏيل قوم?? جي قراردادن تي عملدرآمد ڪر??يو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ هندستان انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون آهن، حريت قيادت کي جيلن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستا?? جي شهه رڳ قرار ڏنو، پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. اسا?? جي حڪومت ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ قرباني جا عظيم داستان لکندڙ ڪيپٽن سرور شهيد جو يوم شهادت ڀرپور انداز سان ملهايو. وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو ته آزاد خطي ۾ گڊ گورننس لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، آز??د ڪشمير جي عوام سان واعدو آهي ته توهان کي تبديل ٿيل ڪشمير ڏينداسين.