اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران ??ان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي ??يتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي ??يان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ??وش?? نه ڪئي وڃي، پنجاب پوليس، پنجاب جي ??نتظاميا، پنجاب جا انٽيليجنس ادارا واقعي جي ??اچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آ??ين. هن چيو ته سينيٽ جي ??طلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آهي، ان جي ??حتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واقعي جي ??روعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پنجاب حڪومت جي ??دن ۾ ٿيو آهي، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، هي حساس معاملو آهي، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس ۽ پنجاب حڪومت پاران ايندڙ حقيقتن کي نشر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب سان رابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ٿيل اطلاع ملي ٿي اها ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت جهڙي طرح جو تعاون چاهيندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. اسان پنجاب حڪومت جي ??پورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.