اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شم??ي توانا??ي وقت جي اهم ضرورت آهي، معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ شم??ي توانائي جو فروغ لازمي آهي، شم??ي توانائي تي منتقلي سان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ شم??ي توانائي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، توانا??ي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراع??م جي صلاحڪار احد چيما، وزيراع??م جي خاص معاونين محمد جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته شم??ي توانائي صاف ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽٽائي جي لاءِ شم??ي توانائي جو فروغ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي سطح تي به شم??ي توانائي جي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ مهانگي ٻارڻ جي جڳهه تي شم??ي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان فريم ورڪ منظور ڪري چڪي آهي. بريفنگ ?? وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي هن مهيني جي پڄاڻي تائين شم??ي توانائي جي وڏي پراجيڪٽس جي ٽيرف جو تعين ڪري وٺندي جنهن کانپوءِ متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ پاران سيڙپڪارن کان ٻوليون طلب ڪيون وينديون. بريفنگ ?? وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شم??ي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ٽي منصوبا غور هيٺ آهن جن ۾ 1200 ميگاواٽ جو منصوبو ليه ۾ جڏهن ته 600 ميگاواٽ جا منصوبا مظفر ڳڙهه ۽ تريمون ۾ لڳايا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان حوالي سان آر ايف پي ۽ بڊنگ جو ڪم تيز تر ۽ شفاف بڻائڻ جي حوايل سان سمورا لاڳاپيل کاتا ضروري قدم کڻن. اجلاس کي وزيراع??م جي وفاقي حڪومت جي سڄي ملڪ ۾ موجود عمارتن جي شم??ي توانائي تي منتقلي جي ويزن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي عمارتن جي شم??ي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ماهر ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ سمورن وفاقي ادارن جي لاءِ سينٽرلائيزڊ پروڪيورمنٽ کي اختيار ڪيو وڃي جيڪو موثر ۽ شفاف هجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ شروعات اسلام آباد جي حدن ۾ وفاقي حڪومت جي عمارتن سان ڪ??ي وڃي ۽ بعد ۾ پوري ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شم??ي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گرمي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ سرڪاري عمارتن جي شم??ي توانائي تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته شم??ي توانائي تي منتقلي سان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي.