اسلام آ??اد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پوليو جي موذي مرض جي خاتمي جي جدوجهد مشڪل ترين حالتن ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پوليو ??يم جي هڪ ميمبر جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو سخت برفاني علائقي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجا فرض سرانجا?? ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وڊيو پاڪستان جي پڪي عزم جو واضح ثبوت آهي. فخر جي قابل ورڪرن کي اسان جو سلام، جي??ي دهشتگردي ۽ سخت موسمن جو مقابلو ڪري اسان جي ٻارن جي صحت جي جنگ وڙهن ٿا، انهن جو پاڪستان جي ايندڙ نسلن تي احسان آهي.