اسلام آباد – 24 – ??يبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان م??تلف سياسي اڳواڻن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري احسن الحق باجوه، صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن صوفي اڪرم ۽ زاهد اڪرم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم سان م??لم ليگ (ن) بلوچستان جي صدر جعفر خان مندوخيل ۽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان به جدا جدا ملاقات ڪئي. جعفر خان مندوخيل ملاقات ۾ بلوچستان صوبي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي شروع ڪيل ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان م??بت عوامي ردعمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي سياسي صورتحال تي وزيراعظم سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.