اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڪيپيٽل ??يريٽر?? جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو آهي، مستحق خاندان اٽي جو تحفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان حا??ل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ??يريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حا??ل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظار جي زحمت کان بچڻ جي لاءِ مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حا??ل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبق?? جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائ?? جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽ?? جي فراهم?? جي وقت عوام کي ڊگهي قطار جي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ??يريٽر?? جي عوام کي ريليف جي فراهم?? جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ڪيپيٽل ??يريٽر?? جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽ??ڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽي اسڪور (پي ايم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو حا??ل ڪري سگهندو، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ??يريٽري ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حا??ل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي اٽو حا??ل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري نمبر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قومي اسيمبل?? جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽ?? جي چيئرمين، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.