اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مو??انا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مو??انا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي پارليامينٽ مان منظوري تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي اتحادين پاران مڪمل تع??ون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.