اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوتي ملازم جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن فوت ٿيل ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئيڪج تحت مقرر ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر رضوان الله (شڪايت ??ندڙ) پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي. هن چيو ته ايجنسي هڪ ٻئي فوتي ملازم جي پٽ کي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت نوڪري ڏئي چڪي آهي، ٻئي ملازم جو لاڏاڻو 2012ع ۾ اداري پاران پاليسي اختيار ڪرڻ کان اڳ ٿيو، ڪارپوريشن شڪايت ??ندڙ سان هڪ جهڙي سلوڪ کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته رضوان الله جو والد (بختاور شاهه) ڪارپوريشن جو ملازم هو، سروس دوران 2009ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شڪايت ??ندڙ فوتي ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ درخواست ڏني، پر ڪو فائدو نه ٿيو. شڪايت ??ندڙ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن شڪايت ??ي رد ڪري ڇڏيو. محتسب رد ٿيل فيصلي ۾ چيو ته والد جو لاڏاڻو 2009ع ۾ ٿيو، پئڪيج کي اداري پاران 2012ع ۾ اختيار ڪيو ويو، ان لاءِ پاليسي شڪايت ??ندڙ تي لاڳو نه ٿي ٿئي. بعد ۾ رضوان الله صدر کي محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي ج??هن کي قبول ڪيو ويو. صدر فيصلي ۾ ق??ار ڏنو ته وزيراعظم جو امدادي پئڪيج 2006ع ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي او ايم جي ذريعي جاري ڪيو ويو، 2006ع کانپوءِ وقت بوقت امدادي پئڪيج ۾ ترميمون ڪيون ويون. صدر چيو ته اداري ج??لاءِ 2012ع کان پئڪيج کي اختيار ڪيو پر واضح نه آهي ته 2006ع جو پئڪيج اختيار ڪيو يا ڪو ٻيو پئڪيج اختيار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب سرڪاري ملازمن جا ٻار سول پوسٽن تي شروعاتي مقرري جي لاءِ عمر جي حد موجب ڪانٽريڪٽ نوڪري جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، وفاقي محتسب معاملي جي اهم رخن کي نظرانداز ڪيو، حڪمن کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر هدايت ??ئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن شڪايت ??ندڙ جي وزيراعظم جي امدادي پئڪيج تحت مقرري جي لاءِ جلد کان جلد ڪارروائي ڪري.