اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ۾ دهشتگرد??، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آه??، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت ??ان بچائڻ آهي، دهشتگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابطو آه??، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگردن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آه??، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.