اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، جنهن جي توهين ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي عوام جي پئسي جي اجازت رڳو عوام جو هي چونڊيل ايوان ڏئي سگه?? ٿو، اسان ماضي ۾ به ڪنهن غير??ئي??ي قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين، رڳو هڪ خط سان ڪم نه هلندو، هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، ايوان جي استحقاق ڪميٽي ۾ توهين پارليامينٽ جي ڪارروائي ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي شق اسان ناهي ٽوڙي ڪنهن ٻئي ٽوڙي آهي. هن چيو ته هتي جن ميمبرن استعيفائون ڏنيون جن جون استعيفائون منظور به ٿيون ان تحت انهن جي سيٽن تي به ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون. پر عدالتن انهن کي منع ناما جاري ڪيا ۽ اهي ضمني چونڊون به 90 ڏينهن کان تمام گهڻو اڳتي هلي ويون. هن چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان ملڪ ۾ تماشو هلي رهيو آهي ۽ ??ئي??ي بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. اسان تي اقليتي فيصلو مڙهيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ يا ڪنهن ٻئي تناظر ۾ ??ئي?? جي خلاف ورزي نه ٿا چاهيون، سپريم ڪورٽ ??ئي?? جي تشريح ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي ??ئي?? ۾ ??رميم ڪرڻ جو نه. پيپلزپارٽي 1973ع جو ??ئي?? ڏنو ۽ اسان 18 هين ترميم کانپوءِ ??ئي?? بحال ڪيو. اسان ??ئي?? وفاقي اڪ??ئين کي ڳنڍڻ ۽ صوبن کي انهن جا حق ڏيارڻ جي لاءِ ٺاهيو. پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، ان جي توهين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اهو ادارو جنهن کي ??ئي?? جو تحفظ ڪرڻو آهي اهو ڪيئن اهو ڪري سگه?? ٿو ته پارليامينٽ جي ووٽ جو اختيار وسري وڃي، اهي وزيراعظم کي ڪيئن اها ڊائريڪشن ڏئي سگهن ٿا، اسان ??ئي?? جي خلاف ورزي جو ڪڏهن سوچيو به نه آهي، اسان ماضي ۾ به ڪنهن غير??ئي??ي قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کان ڪو غير??ئي??ي قدم ڪرائڻ چاهي رهيو آهي اها توهين پارليامينٽ آهي رڳو خط سان ڪم نه هلندو. هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، قومي اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي ۾ اهو معاملو اٿاريو وڃي. وزيراعظم هن ايوان جو چونڊيل وزيراعظم آهي، جيڪڏهن ان تي ڪو حرف اچ?? ٿو ته اهو هن پوري ايوان جو استحقاق مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان چار ٽي جي اڪ??ريتي فيصلي سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته ??ئي??ي بحران ۾ وفاق پاڪستان، جمهوريت ۽ ملڪ جي معيشت کي خطرا آهن. هن چيو ته ??ئي?? جي آرٽيڪل 63 اي کي ري رائٽ ڪرڻ کي ڏٺو وڃي ته نظر اچي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته پوري صوبي ۾ عام چُونڊُون منعقد ڪرڻ صحيح فيصلو نه آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿين. عدليه پنهنجي دائره ڪار ۾ رهندي ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي دائره ڪار ۾ رهڻ ڏنو وڃي ته ڳالهه ٻولهه جو عمل هلي سگه?? ٿو. هن چيو ته عدليه جي پنچائت ۾ ماڻهو ڳالهيون چاهين ٿا ته ان جي ڪاميابي مشڪل هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چاه?? ٿو ته تاريخ ۾ هو سٺن لفظن سان ياد رکيو وڃي ته کيس گهرجي ته هو ذاتي طور تي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.