ڪراچي – 28 – ا??ري?? (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ ٽن اهلڪا??ن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد اهلڪارن نائيڪ صوبيدار تاج مير، حو??لدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين کي ملڪ جي خاطر جان نڇاور ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد اهلڪا??ن جي پونئي??ن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي، شهيد قوم جا بهادر فرزند هئا. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن کي جه??م رسيد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي وٺي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف منهن ڏئي رهيو آهي، فتح انسانيت جي ٿيندي.